شڪارپور جي ٻولي

شڪارپور جي ٻولي

شڪارپور جي ٻولي

شڪارپور جي ٻولي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو پيش لفظ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ ٻولي ماهر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکيو آهي، جڏهن ته مهاڳ مصنف پاڻ لکيو آهي، هي ڪتاب سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڳالهائي ويندڙ سنڌي ٻوليءَ جي مطالعي لاءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران شروع ڪيل رٿا جو ٽيون نمبر ڪتاب آهي. ڪتاب ڇهن بابن تي مشتمل آهي، جن ۾ ترتيبوار هيٺيان عنوان ڏنل آهن. پهرين باب ۾: ‘سنڌي زبان ۽ ان جا لهجا’، ‘سنڌي زبان جون خصوصيتون’، باب ٻئي ۾ ‘شڪارپو جو تاريخي ۽ جاگرافيائي پسمنظر’، باب ٽئين ۾ ‘شڪارپور جي اهميت ۽ وڻج واپار واري حيثيت’، باب چوٿين ۾ ‘شڪارپوري محاوري جو گرامر جي لحاظ کان جائزو’، باب پنجين ۾ ‘شڪارپور جي محاوري جون ڪجهه ٻيون خصوصيتون’ ۽ باب ڇهين ۾ ‘شڪارپور جي ٻوليءَ جي خاص لفظن جي پٽي’ شامل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ شڪارپور ۾ استعمال ٿيندڙ اصطلاح ۽ جملا پڻ ڏنا ويا آهن. ڊيمي سائيز ۾ 110 صفحن تي مشتمل هيءُ ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد 1993ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي قيمت 25 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو